شاهه حسن مسجد

شاهه حسن مسجد

شاهه حسن مسجد

شاهه حسن مسجد (ماڳ): هيءَ قديمي مسجد ڳوٺ شاهه حسن، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ واقع آهي. هيءَ مسجد سيوهڻ کان 32 ڪلوميٽر اولهه ۾، منڇر جي اولاهين ڪنڌيءَ تي "28 '26 260 ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ "03 '34 670 ڊگريون اوڀر ڊگھائي ڦاڪ تي موجود آهي. مسجد جو در ٻن ڪمانين سان لڳل آهي. ٻيڙٻني جي مهاڙيءَ ۾ چار برجيون لڳل اٿس، ڇت تي ٽي گنبذ نيلن سان آهن. اندرين نمازي ڪوٺي 14.10x5.75 ميٽر ڪشادي ۽ 6 ميٽر اوچائيءَ ۾ آهي، جيڪا اندران ٽه- کڻي آهي. هر کڻ جي مٿان گنبذ ڏنل آهي، هر حصي ۾ آمهون سامهون بادوان ٺهيل آهن. هن مسجد جي اڏاوت جو نمونو 18 صدي عيسويءَ جي طرز تعمير جهڙو معلوم ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو